خبرون کيڙائن جون

خبرون کيڙائن جون

خبرون کيڙائن جون

خبرون کيڙائن جون (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي نامور سياح ۽ سفر نامه نويس الطاف شيخ جو لکيل آهي، جيڪو ملائيشيا جي سفرنامي جي احول تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو پيش لفظ ناليواري ڪهاڻيڪار جمال ابڙي لکيو آهي. ڪتاب ۾ ليکڪ ملائيشيا جي اهم ماڳن، مڪانن، هنڌن جو تذڪرو نهايت سهڻي پيرايي ۾ معلوماتي مواد سان درج ڪيو آهي. الطاف شيخ جي لکيل هن سفرنامي ۾: (1) ملائيشيا وارا ڇا ٿا چون (2) جانورن سان وير نه اٿم (3) جن سان نڪاح (4) ايمان جو جذبو (5) مشرق منهنجي لاءِ سڀ ڪجهه آهي (6) نالن جو تڪرار وغيره سميت 18 مضمون شامل آهن. ملائيشيا تي لکيل سندس هيءُ سفر نامو وڏي اهميت جي حامل آهي. 140 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز ۾ ڇپيل هن ڪتاب جي قيمت 90 روپيا آهي، هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 1998ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري پاران ڇپيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو